حسن بن صباح

حسن بن صباح: اسماعيلي فرقي جو اڳواڻ، جنهن کي گهڻو ڪري ’حشيشئين‘ (اسيسن Assassins) جو باني مڃيو وڃي ٿو. بن صباح'>حسن بن صباح ايراني شهر نيشاپور ۾ دينيات جي تعليم ورتي ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ اسماعيلي فرقو اختيار ڪيو. هيءُ اسماعيلي تنظيم ۾ سرگرم اڳواڻ طور نمايان ٿيو. 469هه/ 1076ع ۾ وڌيڪ مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مصر ويو ۽ تقريباً ٽي سال اتي گذاريائين. واپس ايران اچي هن اسماعيلي نظريي جي تبليغ لاءِ ڪافي سفر ڪيا ۽ ڪيترائي پيروڪار بڻايا. 483هه/1090ع ۾ هيءُ پنهنجي ساٿين جي مدد سان الموت قلعي تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهو قلعو قزوين کان رشت ويندڙ رستي جي ڪناري سان ٻن جبلن جي وچ ۾ هڪ ڏکئي علائقي ۾ واقع هو. گهڻي گڙٻڙ کانپوءِ حسن الصباح جاگرافيائي لحاظ کان منتشر پر مضبوط رياست جي قيادت ڪرڻ لڳو. 512هه/ 1118ع ۾ الموت قلمي جي آخري اهم گهيري کانپوءِ هن باقي زندگي پر امن گذاري ۽ راهبن واري زندگي اختيار ڪيائين. جڏهن هن جي هڪ پٽ تي قتل ۽ ٻئي تي شراب نوشيءَ جو الزام لڳو ته انهن ٻنهي جا سر قلم ڪرائي ڇڏيائين. هن ديني علم تي مقالا به لکيا. نزارين هن جي فرقي کي وسيع پيماني تي قبول ڪيو. حسن الصباح 518هه/ 1124ع ۾ وفات ڪئي. اڳتي هلي هلاڪو خان سندس جماعت جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو.


لفظ حسن بن صباحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو